برڪاة الصلواة

برڪاة الصلواة: سنڌيءَ ۾ درود پاڪ جو ڪامل ۽ مڪمل مجموعو ”برڪاة الصلواة“ مرحوم فقير محمد اسماعيل نقشبندي ٺٽويءَ جي تصنيف آهي، جيڪا سيد قمرالزمان شاهه صاحب نئين سر ڪيترن اضافن سان ترتيب ڏئي ڇپائي آهي. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهرين مرحوم عبدالحسين وينجهر ڇپايو هو. ڪتاب جو ڏهون ڇاپو، 1997ع ۾ نيوگرين پرنٽرس، صدر حيدرآباد مان سيد واجد علي حسينيءَ ڇاپيو. ڪتاب جي ڊزائين ۽ ڪتابت فيض محمد سڪندري پتافيءَ جي آهي. ڊيمي سائيز جي 360 صفحن جي هن ڪتاب جو ڪوبه هديو رکيل نه آهي ۽ مفت ۾ تقسيم ٿيندو رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو